زاري دمب

زاري دمب (Zari- Damb, Surab:): اوائلي سنڌو تهذيب جون وٿون رکندڙ هيءُ ماڳ سراب شهر جي ڏکڻ- اولهه ۾ ٻارهن ميلن ۽ گدار شهر جي اتر- اوڀر ۾ 6 ميلن جي پنڌ تي (بلوچستان ۾) واقع آهي. هيءُ ماڳ 1948ع ۾ ڳوليو ويو هو. هن دڙي تان لڌل وٿن مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته اندازاً 4000 ق. م جي آخر ۽ 3000 ق. م جي وچ ڌاري هيءُ ماڳ چڱو آباد هوندو. دڙو 45 فٽ اوچو آهي. مٿاڇري تي ڪنهن به اڏاوت جا آثار نه آهن. پر وچ دڙي تي ڪي خاص قسم جا خال ٻڌائين ٿا ته هتي ڪا اڏاوت هئي، جنهن جا نشان ڪو نه بچيا آهن. مٿاڇري تي ٺڪراٺو گهڻي تعداد ۾ ٽڙيل پکڙيل آهي، جيڪو جسامت ۾ ٿلهو آهي ۽ سياهه دمب، انجيرا، نندورا ۽ سراب ماڳن تان مليل ٺڪراٺي جهڙو آهي. ان کان سواءِ ڪجهه ٺڪر اهڙو به ملي ٿو، جيڪو کهرو يڪ رنگو، ڪاري رنگ سان چٽيل تاگو ۽ انجيرا جي پوئين دور سان ملندڙ جلندڙ آهي. هتي نال نموني جو ٺڪر به عام مليو آهي. ان کان سواءِ مليل وٿن ۾ پٿر جي اوزارن جا ٽڪرا، ڪورون، جنڊ، پٿر جو ائٽ ۽ ڦيٿي جهڙو رانديڪو، جنهن تي ڳاڙها ليڪا نڪتل آهن، اچي وڃن ٿا. هڪ پٿر جو تختو به مليو آهي، جنهن تي ڪنهن لکت جو نمونو به مليو آهي، جيڪو اڀياس هيٺ آهي.
هتان ملندڙ ٺڪراٺي ۾:
(1) پيالي جو هڪ چورس ڪنو مليو آهي، جيڪو کهري ڳاڙهي رنگ جي ٺڪر جو آهي، جنهن ۾ خاڪي ڪڪرا مليل آهن. ان ٺڪر تي اڇي ليپي تي ٽي سڌيون ليڪون ۽ هيٺان ٿلها عدسا يا لڏڪڻا (Lentoid) ٺهيل آهن.
(2) هڪ ٺڪر سڌين ڀتين سان مليو آهي، جيڪو کهرو ۽ رنگ جو ميٽوڙي آهي. اڇي ليپي تي، ڪشمشي رنگ سان شطرنجي چٽ چٽيل آهن. اهو ٺڪر هن ماڳ تي ”نال“ جي ٺڪر جو بهترين نمونو آهي.
(3) ان کانسواءِ هڪ ٺڪر گول، ميٽوڙي رنگ جو، اڇي ليپي سان مليو آهي، جنهن تي مهندسي چٽ ۽ آمهون سامهون ٽڪنڊا ٺهيل آهن، جيڪي ناسي رنگ سان چٽيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو